آغا خان اسپتال حيدرآباد

آغا خان اسپتال حيدرآباد: خان يونيورسٽي اسپتال'>آغا خان يونيورسٽي اسپتال ڪراچيءَ جي انتظام هيٺ هلندڙ هن اسپتال جو مڪمل نالو آغا خان ميٽرنٽي اينڊ چائلڊ ڪيئر سينٽر آهي . هيءَ اسپتال 1989ع ۾ قائم ٿي ، جنهن جو افتتاح پرنس ڪريم آغا خان ڪيو . هن اسپتال ۾ مناسب معاوضي عيوض ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ مختلف سهوليتن جو انتظام ٿيل آهي . آغا خان هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان ماءُ ۽ ٻار جي صحت جو پهريون مرڪز سلطان آباد ( ٽنڊي الهيار ) تعلقي ۾ 1956ع ڌاري قائم ڪيو ويو . ٻن سالن کان پوءِ آغا خان ميٽرنٽي هوم حيدرآباد ۾ تلڪ چاڙهي وٽ قائم ٿيو . ٻار ڄمڻ دوران سامهون ايندڙ پيچيدگين کي نظر ۾ رکندي ، آغا خان هيلٿ سروسز پاڪستان طرفان 1989ع ۾ هن اسپتال جون خدمتون شروع ڪيون ويون . موجود وقت ۾ هيءَ اسپتال حيدرآباد جي بهترين اسپتالن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ ڄامشورو روڊ تي قاسم چوڪ کان اڳيان آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو